سانٺ وارو دڙو

سانٺ وارو دڙو (ماڳ): هڙپا دور جو هيءُ دڙو تعلقي فيض گنج ۽ تعلقي ناري، ضلعي خيرپور ميرس جي سرحد تي واقع آهي. ھي دڙو 10 فوٽ کن اوچو ۽ پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. دڙي تي چوڙين جا ڀڳل ٽڪر، مختلف ٿانون جا ٺڪر، سرن جا اڌڙ ۽ ڪجھه اڏاوتن جا نشان ملن ٿا. ھي ماڳ ھاڪڙي کي ويجھي ھئڻ ڪري سنڌو سڀيتا جي دور جو لڳي ٿو. هتان سنڌو تھذيب وارو ڳاڙھي تي ڪارو ٺڪراٺو جام ملي ٿو، پر کوٽائيءَ کانپوءِ ملندڙ وٿن ۽ نوادرات ڏسڻ کان پوءِ دؤر جو تعين ڪري سگھبو. ھتان ٺڪر جي بيل گاڏيءَ جو هڪ نمونو پڻ هٿ آيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو